ڪوڏومل ’جانب‘ واڌواڻي

ڪوڏومل ’جانب‘ واڌواڻي

ڪوڏومل جانب واڌواڻي

ڪوڏومل ’جانب‘ واڌواڻي: سنڌي غزل جي مشھور شاعر ڪوڏومل مولچند واڌواڻي جو جنم 04 نومبر 1947ع تي درازا شھر (خيرپور ميرس) ۾ ٿيو، ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان لڏي احمد آباد (هندستان) ۾ وڃي رهيو. سندس تعليم ست درجا هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان هڪ درزي هو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڇو دل ٿي دل کان ڌار پرين‘، ’رُڪجي ويندي رات‘، ’روشني‘ ۽ ’سُرمائي شام‘ ڇپيل آهن. ’گُجرات سنڌي ساهتيه اَڪيڊمي‘ طرفان کيس سندس ڪتابن تي اِنعام پڻ مِليا. 23 سيپٽمبر 2023ع تي احمدآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو